مٺي: ٿرپارڪر پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ شراب هٿ
مٺي(ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪندي وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ شراب هٿ ڪيو آهي مختلف ٿاڻن جي حدن مان مجموعي طور تي 95 ليٽر ديسي شراب، 4400 سفينا گٽڪا، 1500 آداب گٽڪا ۽ 8 پينٽ وسڪي شراب هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،
تفصيل موجب: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي هدايتن تي هلندڙ ڪاررواين جي سلسلي ۾ پوليس اسٽيشن ڏيپلو جي ايس ايڇ او ۽ سندس ٽيم ڪارروائي ڪندي ڏيوهار واسي جوابدار بابو ولد انور نھڙي کي گرفتار ڪيو جنهن وٽان 4400 سفينا گٽڪا هٿ آيون
جنهن خلاف ڏيپلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ساڳي ريت پوليس اسٽيشن اسلام ڪوٽ جي حد ۾ سي آءِ اي انچارج پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام ڪوٽ واسي انور علي عرف ڪارُو ولد عبدالغفور بجير کي گرفتار ڪيو جنهن وٽان 1500 آداب گٽڪا هٿ ڪيون ويون
ان خلاف پڻ منشيات ايڪٽ تحت اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻي طرف ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ پنھنجي ٽيم سان گڏجي سونل ٻھ واسي ويرجي عرف ويرم ولد لالو ٺڪر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 95 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪئي جنهن خلاف 3/4 ايڪٽ تحت اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ان کانسواءِ پوليس اسٽيشن مٺي جي حد م سي آءِ اي انچارج پنھنجي ٽيم سان گڏجي ڊاڀي ڏيپلو واسي گل حسن ولد جلال نھڙي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 8 پينٽ وسڪي شراب هٿ ڪيون ويون
جنهن خلاف مٺي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران ڪامياب ڪاررواين تي سي آءِ اي، سڀني ايس ايڇ او ۽ انهن جي ٽيمن کي شاباش ڏني.
مَي 9, 2025