الله جو فرمان آهي جنگ نه ڪريو، پر جيڪڏهن توهان تي جنگ مڙهي وڃي ته پوئتي نه هٽو:محمد رضوان

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ڳالهائيندي چيو ته آهي ته اسان الله تعاليٰ جي پاڪ ڪلام مان اِهو سکيو آهي ته جنگ نه ڪريو پر جيڪڏهن توهان جي جنگ مڙهي وڃي ته پوءِ پوئتي نه هٽو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ قومي وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي.
هن چيو ته اسان جو نسل گولين جي گونجار ۽ ڌماڪن جي آواز ۾ جوان ٿيو آهي، هن مٽيءَ ۾ شهيدن جو رت شامل آهي ۽ هتي اڄ به اهڙا نوجوان زنده آهن جيڪي موت سان هونئن ئي محبت ڪندا آهن جيئن ڪجهه ماڻهو زندگيءَ سان ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اهڙي قوم کي ڪو به هارائي نه ٿو سگهي، اسان جي مڙهيل هر جنگ اسان وڌيڪ جوڙي ٿي، جڳائي ٿي ۽ مضبوط بڻائي ٿي.
محمدرضوان جو چوڻ حو ته هي پيغام انهن سڀني لاءِ آهي جيڪي سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اسان کي بهادري ڏيکارڻي آهي، يقين رکڻو آهي، نه ظلم ڪرڻو آهي نه ظلم سهڻو آهي.