سعودي مملڪتي پرڏيهي وزير نئين دهلي کانپوءِ اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي مملڪتي پرڏيهي وزير عادل الجبير نئين دهلي جي دوري کانپوءِ اسلام آباد پهچي ويو.
پرڏيهي وزير جي اسلام آباد پهچڻ تي پاڪستان ۾ سعودي سفير ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.
سعودي مملڪتي وزير، پاڪستاني قيادت سان ملاقات دوران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
واضح رهي ته عادل الجبير ان کان اڳ ڀارتي قيادت سان به ملاقاتون ڪري چڪو آهي.