ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي پاڪستاني شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي پاڪستان جي شهري آبادي تي فائرنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان رڳو انهن ڀارتي پوسٽن تي جوابي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، جتان پاڪستاني شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي پئي وڃي.
ترڪ ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان طرفان نه ڪو ڊرون حملو ڪيو ويو آهي، نه ڪو راڪيٽ فائر ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪا فضائي ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي.
ترجمان موجب، پاڪستان رڳو ننڍن هٿيارن ذريعي ڀارتي فوجي چوڪين تي محدود جوابي ڪارروائي ڪري رهيو آهي.
جنرل احمد شريف چيو ته ڀارت طرفان ميڊيا تي اها مهم هلائي پئي وڃي ته پاڪستان فضائي ۽ ڊرون حملا شروع ڪيا آهن، جيڪو ڪوڙ ۽ من گهڙت افسانو آهي.
هن چيو ته اڄ جي جديد دور ۾ هر حملي جو اليڪٽرانڪ ثبوت موجود هوندو آهي، جيڪڏهن پاڪستان واقعي ڪو ميزائل يا فضائي حملو ڪيو هجي ها ته ان جو اليڪٽرانڪ ثبوت هجي ها.
ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو به سوال اُٿاريو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستاني جهاز تباهه ڪيو آهي ته ان جو ملبو ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪڏهن ڀارت وٽ واقعي پاڪستاني پائيلٽ قيد آهن ته اُهي ڪٿي آهن؟
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ميڊيا من گهڙت قصن سان عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪي هاڻي کِل جوڳا بڻجي چڪا آهن.