روهڙي ۾ برطرف سول انجنيئر جي صحافي سان بدتميزي، ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) روهڙي ۾ برطرف سول انجنيئر جي صحافي سان بدتميزي، ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون، ميونسپل ڪاميٽي جو نوٽيس روهڙي ميونسپل ڪاميٽي ڊيوٽي تان غير حاضر ۽ صحافي کي پاڻي جو ڪنيڪشن ڏيڻ تان بدتميزي ڪندڙ برطرف سول انجنيئر سيد قمر عباس شاهه خلاف سخت قدم کڻندي، مٿس ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.تفصيل موجب، برطرف ٿيل انجنيئر تي صحافي اظهر علي دايو سان بدسلوڪي ۽ کيس سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام آهن.
ذريعن مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ روهڙي جي علائقي ميمن محلي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري پوڻ سبب هڪ معصوم ٻار جي افسوسناڪ موت ٿي هئي،
جنهن جو نوٽيس صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ورتو هو، ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي هئي۔ان واقعي دوران، جڏهن صحافي اظهر علي دايو کي ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه واري علائقي ۾ پاڻي جو ڪنيڪشن ڏنو ويو،
تڏهن برطرف ٿيل سول انجنيئر سيد قمر عباس شاهه نه فقط صحافي سان بدتميزي ڪئي، پر کيس ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ياد رهي ته قمر عباس شاهه اڳ ئي ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ جي بنياد تي نوڪري تان هٽايو ويو آهي۔
روهڙي ميونسپل ڪاميٽي جي ترجمان موجب صحافي سان نازيبا سلوڪ تي سخت نوٽيس ورتو ويو آهي، ۽ جيڪڏهن ملوث شخص باز نه آيو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ٻئي پاسي، صحافتي حلقن ۽ سول سوسائٽي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي اظهر علي دايو کي ڏنل ڌمڪين جو نوٽيس وٺي، ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ صحافين کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي۔
مَي 8, 2025