ڀارت خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي: طارق عزيز بلوچ
ملير (ڊر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ڀارتي جارحيت، بزدلانا حملا ۽ سرحدي واڌ
ويجهه جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي، پر پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
هن چيو ته ڀارت هڪ طرف عالمي برادري جي سامهون امن جو لبادو اوڍي ٿو، جڏهن ته ٻي طرف دهشتگردي، ظلم، جبر ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جاري رکي ٿو. ڀارت پاران پاڪستان خلاف ڪوڙو پراپيگنڊا، بزدلانا حملا ۽ بي سبب فائرنگ جا واقعا دراصل ان جي ناڪامين ۽ خوف جو اظهار آهن.
اسان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته اسين پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ڀارت جي مڪر سان ڀريل ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪستاني قوم گڏيل آهي. عوام وطن جي دفاع لاءِ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن بزدل دهشتگرد کي خبردار ڪيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ۽ ان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان جي امن پسندي کي ڀارت هرگز ڪمزوري نه سمجهي. اسان هر جارحيت جو دو ٽوڪ جواب ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان جي سالميت ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ قوم ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي.
مَي 8, 2025