ٻن اليڪشنن کي مينج ڪري اڻ کٽيل پارٽين کي اقتدار ڏنو ويو تھ پاڪستان جي سلاميت خطري ۾ اچي ويندي: غلام مرتضي خان جتوئي

Spread the love

سڪرنڊ (رپوٽ: راج ڪماراوڏ) ملڪ ۾ ٿيل ٻن اليڪشنن کي مينج ڪري اڻ کٽيل پارٽين کي اقتدار ڏنو ويو ٿيندڙ ٽيئن اليڪشنن بہ ائين منيج ڪئي وئي تہ پاڪستان جي سلاميت خطري ۾ اچي ويندي اھڙو اظھار جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي خان جتوئي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۾ پرويز احمد چانڊيو نوراحمد ،  جي ڏنل دعوت ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو تہ انڊيا پاران ڏنل ڌمڪين جي جي مذمت ڪندي پاڪستاني قوم ھڪ پيج تي بيٺل آھي انڊيا سنڌ تاس معاھدي کي معطل ڪرڻ وارو عمل غيرآئيني آهي

جتي سنڌ جو ماڻھو سنڌو درياءُ تي ڪيئنالن خلاف پنجاب خلاف سراپا احتجاج بڻجي مھاڏو اٽڪائي ٿو انڊيا ڪير ٿيندو آهي پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ وارو ھي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آھي ۽ ملڪ جو دفاع مظبوط ھٿن آھي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پرامن جدوجھد ۽ ڪيئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ جي ماڻھن کي ٽارگيٽ بڻائي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو جاري رکندي پوليس گردي ڪئي پئي وڃي

 پر سنڌ جو ماڻھو ھاڻ سجاڳ ٿي چڪو آهي جن کي اھڙن ڪيسن ذريعي خاموش ڪرائي نٿو سگھجي جڏهن تہ ائين ڪرڻ سان ھن حڪومت خلاف نفرتن کي وڌايو پيو وڃي ھن وقت سنڌ جو ماڻھو موجوده حڪومت کان سخت نفرت جو اظھار ڪري ٿو جي ڊي اي شروعاتي طور جاڳرتا مھم جو آغاز ڪندي سنڌو درياءُ تي ٺھندڙ ڇھ ڪيئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل رھي ھاڻ سنڌ حڪومت پاران گرين پاڪستان جي نالي تي ڏنل لکين ايڪڙ زمينون ڌارين واري منصوبي خلاف احتجاج جو آغاز ڪيو آهي ۽ ھن منصوبي جي خاتمي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو