سڪرنڊ: ٿيليسيميا جو عالمي ڏينهن، جاڳرتا واڪ ۽ شعور جي مهم سان شاندار نموني ملهايو ويو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي پاران هر سال جيان هن سال به 8 مئي ٿيليسيميا جو عالمي ڏينهن شاندار نموني ملهايو ويو ان سلسلي ۾ جاڳرتا واڪ پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ ٿيليسيميا جي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن پڻ واڪ ۾ شامل ٿي

ٿيليسيميا جي ٻارڙن جي حوصله افزائي ڪئي ان موقعي تي ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد صادق سيال ، ڊاڪٽر نظر ميمڻ ، پروفيسر نريش ڪمار ، ڊاڪٽر سڪندر سيال ۽ پير رفيق احمد الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته 8 مئي جو ڏينهن ٿيليسيميا بابت آگاهي طور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن هن بيماري کان بچاءُ ڪيئن ڪري سگهجي

 هنن چيو ته سڌريل ملڪن مان ٿيليسيميا ختم ٿي چڪي آهي جنهن جو سبب نڪاح کان اڳ ٿيليسيميا جي ٽيسٽ کي سرڪاري طور لازمي قرار ڏنو ويو آهي جنهن تي عمل ڪري ٿيليسيميا کي ختم ڪيو ويو آهي

 پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي توڙي جو صوبائي ۽ وفاقي سرڪار اسيمبلين مان بل پاس ڪرائي چڪي آهي ته نڪاح يعني شادي کان اڳ ٿيليسيميا ٽيسٽ ڪرائي وڃي پر بد.قسمتيءَ سان ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي اسين اڄوڪي ڏينهن تي حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪريون ته بل تي عمل ڪرايو وڃي ۽ نڪاح خوانن کي پابند ڪيو وڃي ته هو بنا ٽيسٽ جي ڪنهن جو به نڪاح نه ڪن ان عمل سان ٿيليسيميا کان بچي سگهجي ٿو

 هنن وڌيڪ چيو ته اسان اهو پڻ پيغام ڏينداسين ته هو ٿيليسيميا جي ٻارڙن لاءِ بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو اهتمام ڪن واڪ ۾ قاضي جاويد سنائي ، خان محمد پلي ، شاهد خان ، عاطف سولنگي سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون ان کان اڳ ٿيليسيميا فائيٽر دانش تنيو ، غلام مرتضيٰ ميمڻ فاطمه لاکو ۽ حسن ملڪ آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو .

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو