سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پاران ڀارتي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي، پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي استادن، شاگردن، انتظامي آفيسرن ۽ اسٽاف پاران ڀارتي جارحيت ۽ بزدلانه حملي جي سخت مذمت ڪندي يونيورسٽي اڪيڊمڪ بلاڪ ون کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ تي پڄاڻيءَ تي پھتي. ريلي جي شرڪائن قومي جذبي سان سرشار ٿي “نعره تڪبير، الله اڪبر”، “پاڪستان زنده آباد” ۽ “پاڪ فوج زنده آباد” جا نعرا هنيا. هنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي ڀارتي ظلم خلاف نعرا لکيل هئا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ آفيسرن چيو ته هي ريلي ڀارتي جارحيت خلاف هڪ اجتماعي ردعمل آهي، جنهن جو مقصد قومي يڪجهتي، امن ۽ پاڪستان سان بي لوث محبت جو اظهار ڪرڻ آهي.

هنن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي پاڪ سرزمين جي حفاظت لاءِ مڪمل طور تي متحد آهي ۽ ڪنهن به جارحيت  آڏو جهڪڻ لاءِ تيار نه آهي. شرڪائن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي محافظ آهي ۽ ان جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو