عالمي برادري کي جوهري طاقتن ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ وچ ۾ اچڻو پوندو: بلاول ڀٽو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف چڙ ڏياريندڙ قدم کنيا آهن، تنهنڪري عالمي قانونن تحت پاڪستان کي ڀارتي اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.
تُرڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي رڳو ٻن ملڪن جو مسئلو ناهي، پر عالمي مسئلو آهي، ان ڪري عالمي برادري کي جوهري طاقتن وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ مداخلت ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته ڀارت کي سندس قدمن تي پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته جيئن هو هوش کان ڪم وٺي، اسان چاهيون ٿا ته اڻڌري جاچ ذريعي اهڙو نظام جوڙجي، جيڪو مستقبل ۾ اهڙن دهشتگرد حملن کي روڪي سگهي.
ٻئي پاسي عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت پاڪستاني شهرين جو قتلِ عام کي لڪائڻ لاءِ دهشتگرد ڪئمپن جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردن جون تربيتي ڪئمپون آهن ته ڀارت پاڪستان جي عالمي جاچ وارو مطالبو ڇو رد ڪيو؟ ڀارت شهري آبادي، ٿاڪن ۽ ڊيمن کي نشانو بڻايو.
واضح رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ سياحن جي مارجڻ کان پوءِ ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي شهري علائقن تي هوائي حملا ڪيا،
ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اَڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي هئي.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو