ڀارتي اڳرائيءَ کانپوءِ پاڪستاني جو جوابي حملو هاڻي يقيني بڻجي ويو آهي: بچاءُ وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪبچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي ڊرون حملي کان پوءِ ڀارت خلاف پاڪستان جي جوابي ڪارروائي هاڻي يقيني بڻجي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي آهي ۽ پاڪ-ڀارت تڪرار هڪ بند گهٽي ۾ داخل ٿي ويو آهي.
هن واضح ڪيو ته ڀارتي ڊرونز جي حملي سان پاڪستاني فوجي ٿاڪن کي ڪو به نقصان نه رسيو آهي، پر ان جي باوجود ڀارت خلاف جوابي قدم کڻڻ اڻٽر بڻجي ويو آهي.
وزير دفاع ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته لاهور جي دفاعي نظام کي به ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهتو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڀارت جي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي.