”ڀارتي حملي کانپوءِ جنگ جو خطرو وڌي ويو“ عالمي برداري پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فضائي حملا ڪرڻ کانپوءِ عالمي برادري ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي، ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت ڪندي ڀارت جي جارحاڻي رويي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي ”شرمناڪ“ جڏهن ته چين ڀارتي حملن کي ”افسوسناڪ“ قرار ڏنو آهي.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته دنيا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿي ڪري سگهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ روبيو به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ صورتحال کي جلدي ختم ڪرڻ لاءِ صدر ٽرمپ جي مطالبي جي حمايت ڪئي.
روبيو چيو ته ” مان ٽرمپ جي بيان جي حمايت ڪريان ٿو، اميد آهي ته ڇڪتاڻ جلد ختم ٿيندي ۽ ڀارتي توڙي پاڪستاني قيادت پرامن حل لاءِ ڪوششون جاري رکندي.“
ڏکڻ ايشيا جي ٻن روايتي مخالفن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هو موجوده صورتحال بابت ”پريشان“ آهي.
سندس چوڻ هو ته بيجنگ ٻنهي ملڪن کي ”پرسڪون رهڻ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ“ جو مشورو ڏنو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته اهڙا قدم نه کنيا وڃن جنهن سبب صورتحال وڌيڪ بگڙي وڃي.
گڏيل عرب عمارتن به ڀارت ۽ پاڪستان تي ” صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي “ زور ڏيندي چيو آهي ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪي علائقائي يا بين الاقوامي امن لاءِ خطرو بڻجن.“
ترڪي جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي طرفان شهرين ۽ شهري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جهڙن حرڪتن جي مذمت ڪيون ٿا.
بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اهڙن قدمن سان خطي ۾ جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي.
ترڪي پاڪستان جي پُرامن موقف جي حمايت ڪندي، پهلگام حملي جي شفاف جاچ واري پاڪستان جي مطالبي جي پڻ حمايت ڪئي.
قطر به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
قطر جي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته بحران جو حل سفارتي ذريعن سان ئي ممڪن آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي لاڳاپن لاءِ رابطن جا چئنل کولڻ گهرجن.
روس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
روس عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته روس دهلي ۽ اسلام آباد مان پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي اميد رکي ٿو.
واضح رهي ته روس جو ڀارت سان پراڻو اتحاد آهي، جڏهن ته پاڪستان سان پڻ دوستاڻا لاڳاپا برقرار آهن.
هوڏانهن فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل باروٽ به هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته فرانس دهشتگردي جي خلاف ڀارت جي فڪرن کي سمجهي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن کي صبر ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو