سکر: آغا بشير ترين جي ڀارتي جارحيت خلاف مذمت، پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

سکر(  رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليبر بيورو سٽي سکر جي جنرل سيڪريٽري ۽ ميئر سکر جي ليبر ايڊوائيزر آغا بشير ترين   پاران ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت، پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهارخبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ليبر بيورو سٽي سکر جي جنرل سيڪريٽري ۽ ميئر سکر جي ليبر ايڊوائيزر آغا بشير ترين ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ آغا بشير ترين چيو ته ڀارت کي هوش جا ناخن وٺڻ گهرجن، جو مستقبل ۾ به کيس ماضي وانگر شرمندگي جو منهن ڏسڻو نه پوي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ليبر بيورو سٽي سکر جي جنرل سيڪريٽري ۽ ميئر سکر جي ليبر ايڊوائيزر آغا بشير ترين  چيو ته ڀارت پاران رات جي انڌاري ۾ ڪيل حملو هڪ بزدلاڻو عمل آهي، جيڪو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ به هڪ سنجيده خطرو بڻجي سگهي ٿو. آغا بشير ترين چيو ته پاڪستان جي سموري قوم پنهنجي پاڪ سرزمين جي حفاظت لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ پنهنجي بهادر فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا بشير ترين چيو ته اسان جي دلير پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت چاق وچوبند آهي، ۽ جيڪڏهن دشمن ڪا به جارحيت ڪئي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ فوج جي حمايت ۾ پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ليبر بيورو سٽي سکر جي جنرل سيڪريٽري ۽ ميئر سکر جي ليبر ايڊوائيزر آغا بشير ترين  وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پاڪ فوج ۽ عوام ڀارتي جارحيت جي خلاف مڪمل طور تي متحد آهن ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو