دادو: سيتا روڊ ۾ بااثرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج، متاثر شخص انصاف جي درخواست سان پريس ڪلب پهتو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سيتا روڊ جو رھواسي بااثرن جي ڏاڍ ۽ تشدد خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، اعجاز احمد عباسي ميڊيا آڏو دانھيو ته وارڊ نمبر 7 سولنگي پاڙي ۾ منهنجي اباڻي 10 ڦوٽ دوڪان جي پلاٽ تي بااثر ڌر ذوالفقار عباسي، اقبال عباسي قبضو ڪيو آهي،
سندن پٽن جهانزيب، شاھ زمان، شاهزيب ۽ 3 نامعلوم ماڻهن 5 مئي رات جو چهواڻ هوٽل تي مان چانھ پي رهيو هئس ته مون مٿان لٺين، لتن مڪن سان حملو ڪري سخت مارڪٽ ڪئي، هوٽل وارن مونکي بچائي ورتو،
سيتا روڊ پوليس ٿاڻي تي مون سندن خلاف موبائيل فون ۽ ٻه لک روپيا ڦرڻ ۽ جهيڙي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي پر پولیس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، بااثر مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي،
مَي 7, 2025