دادو: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ احتجاجي ريلي، پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ ڀارتي فوج جي جارحيت جي مذمت

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي هدايتن تي استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، دادو ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڍي وئي.

ريلي جو مقصد پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج سان اظهارِ يڪجهتي ڪرڻ ۽ ڀارتي فوج جي بي جا، بزدلانه حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ هو،

 جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني سرحدي علائقن ۾ بي گناهه شهري اجل جو شڪار ٿيا ريلي ۾ ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ انتظامي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا، پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حب الوطني جا نعرا هنيا جن ۾ پاڪ فوج زنده باد، ڀارت جي بزدلي نامنظور، قوم ۽ فوج هڪ آهن

جا نعرا شامل هئا. ريلي دوران خطاب ڪندي پرنسپال محمد عرفان ڪلهوڙو چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ دشمن جي هر سازش جو جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

هن چيو ته نوجوان نسل کي گهرجي ته هو قومي يڪجهتي، امن ۽ هم آهنگي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن تقريب جي آخر ۾ شهيد ٿيل بي گناهه شهرين لاءِ دعاء مغفرت گهري وئي ۽ ملڪ جي سلامتي، امن، اتحاد ۽ فوج جي مضبوط مستقبل لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي. ريلي دادو جي مختلف رستن مان گذري، وطن سان محبت جو مثالي مظاهرو ڪيو،

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو