سکر: ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه جو پاڪستان دشمن جي جارحيت خلاف سخت بيان، قوم ۽ فوج سان گڏ بيٺڻ جو عزم

Spread the love

سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )پاڪستان دشمن جي جارحيت خلاف متحد آهي، شفقت علي شاه خبر موجب  نالي واري سينئر سياستدان ء سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه چيو آھي تہ هر پاڪستاني فوج ۽ قوم سان گڏ ملڪ جي دفاع لاءِ بيٺل آهي، ۽ دشمن کي پاڪستان جي مقدس زمين تي قدم رکڻ نه ڏينداسين.

هن پنھنجي ھڪ بيان ۾ ڀارتي حڪومت پاران معصوم شھرين ۽ مسجدن تي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان کي ڪمزور عمل قرار ڏنو جيڪو ڀارت جي روايتي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو.هن سڄي قوم کي ڀارتي جارحيت خلاف اٿڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هر شھري، فوجي ۽ ٻار پاڪستان جي دفاع جو فرض انجام ڏيندو.ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ ڀارت جي ڪمزور عملن جو منہ توڙ جواب ڏڻ لاءِ تيار آهي. پ

اڪ فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو آهي جنهن تي قوم فخر محسوس ڪري ٿي.هن ڀارتي حملي ۾ بيگناه شھرين جي شھادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي دفاع تي سمجھوتو نه ڪندو. قوم فوج سان گڏ هٿ ۾ هٿ ڏئي بيٺل آهي ۽ ان جو عزم بلند آهي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو