سڪرنڊ: زمين جي حصي تي ڌانڌلي خلاف خان محمد چوهاڻ ڳوٺ جو رهواسي رجب علي چوهاڻ جو احتجاج، وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽر ) سڪرنڊ جي ڳوٺ خان محمد چوهاڻ جي رهواسي رجب علي چوهاڻ ميڊيا اڳيان احتجا ڪندي چيو ته منهنجي والد خدا بخش چوهاڻ جون ٻه شاديون ٿيل هيون هڪ شادي مان ٻه پٽ هر هڪ حاجي محمد هاشم ۽ حاجي سومر چوهاڻ هئا ۽ هڪ ڀيڻ ڀيڻ مسمات فريده آهي جڏهن ته ٻئي شادي مان اسان ٽي ڀائر هرهڪ رجب علي ۔نظير علي ۽ اقبال چوهاڻ آهيون ۽ ڀيڻيون مسمات عظيمان ۽ نجيبان آهن

 منهنجي والد خدابخش چوهاڻ پنهنجي حياتي هوندي 45 ايڪڙ زمين منهنجي ڀائرن  جاجي محمد هاشم ۽ حاجي سومر کي ڏنا هئا ۽ اٺ ايڪڙ ٽيھ گهنٽا مون ۽ منهنجي ڀائرن نظير علي ۽ اقبال چوهاڻ ۽ ٻن ڀيڻن کي ڏنا اسان جي زمين فوجي ڇانوڻي سڪرنڊ اچي وئي آهي انهني زمين جا پئشه جيڪي رينيور کاتي کان مليا آهن

 انهن ۾ به هنن جو شئير ڄاڻايو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي اها اٺ ايڪڙ ٽيھ گهنٽا زرعي زمين اسان کي مليل هئي ۽ اهڙي خبر اسان معزرين کي پڻ آهي

منهنجو ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاه ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته مدڪوره زمين جا پئشه  اسان کي ڏياريا وڃن  جيڪو اسان جو حق آهي ۽ اسان جي امڙ پڻ حياتي آهي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو