ڇور: پاڪ فوج جي حمايت ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ تاريخي ريليون، عوام جو ڀارتي جارحيت خلاف ڀرپور احتجاج، پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) ضلعي عمرڪوٽ ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ تاريخي ۽ مثالي ريليون ڪڍيون ويون، جن قومي يڪجهتي، عوامي شعور ۽ وطن جي دفاع جي جذبي کي نئون روح بخشيو، ڀارت جي تازين بزدل حرڪتن خلاف عمرڪوٽ جي عوام هڪ زبان ٿي روڊن تي نڪري آئي ۽ دشمن کي چٽو پيغام ڏنو ته اسين پنهنجي بهادر فوج سان پهاڙ وانگر بيٺل آهيون،
ريلين جو آغاز گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، هاءِ اسڪول ون، هاءِ اسڪول ٽو ۽ واپڊا آفيس عمرڪوٽ مان ٿيو، جڏھن تہ ڪنري، سامارو، پٿورو، ڍورونارو، ڇور، نيو ڇور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بہ ريليون ڪڍيون ويون، هزارين ماڻهن انهن ريلين ۾ شرڪت ڪئي،
جن ۾ شاگرد، شاگردياڻيون، استاد، سرڪاري ملازم، سماجي شخصيتون، واپاري، مزدور، عورتون ۽ بزرگ شامل هئا، ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ امتحان ڏيڻ آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ پرچن کانپوءِ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هڻي دشمن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو،
انهن جو چوڻ هو ته پاڪستان جا نوجوان هر محاذ تي پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهن ۽ ملڪ جي خاطري لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽندا، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي هندو ڪميونٽي به قومي جذبي جو عملي مظاهرو ڪندي ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي،
هندو ڀائيچاري جي ماڻهن قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي “پاڪ فوج زندہ باد” جا نعرا هنيا ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتي به وطن جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ هر صف ۾ موجود آهن، هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته ضلعي جون سڀ وڏيون سياسي پارٽيون به هن جذبي ۾ شامل رهيون،
پاڪستان پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام، جي ڊي اي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پڻ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ۽ پاڪ فوج سان مڪمل حمايت و اظهار يڪجهتي جو اظهار ڪيو، سياسي لاڳاپن کان مٿانهون ٿي سڀني جماعتن هڪ ئي پيغام ڏنو ته “جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسين سڀ آهيون” ۽ پاڪستان جي حفاظت جي ضامن صرف پاڪ فوج آهي، اڳواڻن چيو تہ اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي دشمن ٻڌي وٺي، هر پاڪستاني سپاهي آهي ۽ پاڪ فوج زندہ آباد جهڙا نعرا هڻي فضا کي گونجائي ڇڏيو،
مقررين پنهنجي خطابن ۾ چيو ته ڀارت خطي جي امن کي خراب ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر پاڪستاني قوم ۽ ان جي بهادر فوج ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، ريلين جي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، پاڪ فوج جي فتح ۽ شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ خاص دعائون گھريون ويون، عوام هن عزم جو عھد ڪيو ته وطن عزيز جي دفاع ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.
مَي 7, 2025