مٺي: پوليس پاران ڳوٺاڻي راسو ٺڪر تي ڪوڙو منشيات ڪيس، ٺڪر برادري جو پريس ڪلب آڏو احتجاج

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) جهن پوليس دعوئ ڪندي ڳوٺ ناٿڙو جي رهواسي رائسنگهه ولد سروپو ٺڪر کي تلاشي دوران پڪڙي 550 سفينا پڙيون هٿ اچڻ جو جواز ڄاڻائندي مٿس گناهه نمبر 3/2025 قلم 154 تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

ٻئي پاسي ٺڪر برادري جي ڳوٺاڻن پوليس جي اهڙي ڪارروائي خلاف پريس ڪلب مٺي اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ ڳوٺاڻن هر هڪ ڀورجي ٺڪر. لڌو سنگه مهر. همير سنگهه. هاٿي سنگهه. لڇمڻ سنگهه. گلاب سنگهه. سروپ سنگهه. سوائي سنگهه. وينجهراج سنگهه ۽ ٻين حصو ورتو. هنن چيو ته جهن پوليس اسان جي ڳوٺاڻي راسو ٺڪر کي پڪڙي مٿس سفينا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو

 جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته پوليس اصل منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ بدران بيگناهه ۽ شريف ڳوٺاڻڻ کي اهڙي طرح ڪوڙن ڪيسن ڻ فاسائي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.

 هنن پوليس جي اهڙن ظلمن خلاف سخت نعري بازي ڪندي آء جي سنڌ. ڊي آئي جي ميرپوخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان فورن نوٽيس وٺي تحقيقات ڪرائي ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو