”هي وقت اَڇي جهنڊي لهرائڻ جو ناهي ڀارت کان پلاند وٺبو“ شوبز شخصيتن جو پاڪ فوج جي حمايت ۾ بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ريما ۽ اداڪار اعجاز اسلم ڀارتي جارحيت تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ريما چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو.
هن چيو ته پاڪ فوج ايمان سان سرشار آهي ۽ عوام پنهنجي جوانن سان گڏ آهي ۽ ڀارت کي پنهنجي ذاتي مفادن کان وڌيڪ عوامي ڀلائيءَ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
اداڪارا چيو ته ڀارت خطي جي امن کي خراب نه ڪري ۽ پاڪستان ”زنده آباد“ آهي، هميشه ”زنده آ باد“ رهندو.
ان کانسواءِ اداڪار اعجاز اسلم ڀارت جي بزدلاني ڪارروائي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جنگ جذبي سان وڙهي ويندي آهي ، جيڪو ڀارتي فوج وٽ ناهي.
هن چيو ته عام شهرين تي بزدلاڻو حملو ڪرڻ ڪٿان بهادري ناهي ۽ هي وقت اَڇو جهنڊو لهرائڻ جو نه آهي.
اعجاز اسلم چيو ته بزدل ڀارتي فوج، پاڪ فوج منهن ٽوڙ ڪارروائي جي صورت ۾ سخت جواب ڏيندي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته اڀينندن واري واقعي کانپوءِ ڀارتي فوج جا پول پڌرا ٿي چڪا آهن، اسان کي پنهنجي فوجي جوانن تي فخر آهي.
ماورا حسين به ڀارتي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته رات جي اونداهي ۾ شهرين تي حملو ڪرڻ بهادري نه آهي، ان کانسواءِ فواد خان، هانيه عامر ۽ بين شوبز شخصيتن به پاڪ فوج جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيا آهن.