بچاءُ واري وزير جوهري جنگ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جنگ کي ڊيگهه ڏني ته ايٽمي جنگ ڇڙي سگهي ٿي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته جوهري جنگ جي صورت ۾ سڄي ذميواري ڀارت مٿان لاڳو ٿيندي.
واضح رهي ته ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو