پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: پاڪستاني هوائي اڏن ۽ فضائي حدن بابت اهم بيان جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ائيرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جا سڀ هوائي اڏا ۽ فضائي حدون مڪمل طور تي فعال آهن.
پاڪستان جي مختلف هنڌن تي ڀارت طرفان 6 مئي تي ٿيل حملن کانپوءِ پاڪستان جا سڀ هوائي اڏا ۽ فضائي حدون بند ڪيون ويون هيون.
هاڻي پاڪستان ائيرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”قومي فضائي حدون شهري هوابازي لاءِ دستياب ۽ محفوظ آهن.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارت جي چڙڏياريندڙ قدمن کانپوءِ شهري هوابازي جي حفاظت لاءِ آيل سنگين خطرن بابت بين الاقوامي سول ايوي ايشن آرگنائزيشن (آءِ سي اي او) کي باظابطا طور تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.