سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس ماڊلن جي رنگا رنگ نمائش – شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي واکاڻ
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي فيڪلٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي اڳواڻيءَ هيٺ فزڪس ماڊلن جي هڪ شاندار ۽ رنگا رنگ نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي 14 شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور حصو ورتو. ھي نمائش وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي افتتاح سان شروع ٿي، جنھن شاگردن جي محنت، تخليق ۽ علم سان محبت جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙيون علمي سرگرميون شاگردن جي عملي سکيا ۽ جدت واري سوچ کي هٿي ڏين ٿيون.
ان موقعي تي ڊين، فيڪلٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروگرام آرگنائيزر ڊاڪٽر شاهنواز ڦلپوٽو، مختلف شعبن جا چيئرمين، تدريسي عملو ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
نمائش دوران پيش ڪيل فزڪس ماڊلس جديد سائنسي اصولن، ايجادن ۽ تخليقي خيالن تي ٻڌل هئا، جيڪي تعليم، تحقيق ۽ ايجاد جي ميدان ۾ نئين نسل جي دلچسپيءَ جو مظاهرو هئا.
يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ انتظاميا اهڙي نمائش کي شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ به اهڙيون علمي سرگرميون جاري رهنديون.
مَي 7, 2025