سکر: قبيلائي تڪرار بعد ايم اين اي نعمان اسلام شيخ پاران مقتولن جي وارثن سان تعزيت – امن جي اپيل
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سھڻو کوسو ۽ مصراڻي برادريءَ جي وچ ۾ قبيلائي تڪرار تي ايم اين اي سکر نعمان اسلام شيخ، سھڻو خان کوسو جي اوطاق تي پھتو، جتي هن کوسو ۽ چوهاڻ برادريءَ جي قتل ٿيل چئن ڄڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي
جيڪي ان تڪرار دوران تازو مارجي ويا هئا ايم اين اي نعمان اسلام سان گڏ مختلف معزز سماجي ۽ سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون ملاقات دوران نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين اڳواڻن پاران سھڻو خان کوسو کي امن قائم رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي
نعمان اسلام شيخ چيو ته سکر هڪ پرامن شھر آهي، قبيلائي جھيڙن سبب نه رڳو ڌريون پر عام شهري پڻ متاثر ٿين ٿا اهڙن تڪرارن ۾ صرف جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو،
جڏهن ته آخرڪار معاملو ڳالهين سان ئي طئي ٿئي ٿو هن ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو پرامن رهن ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي حل ڪن.
مَي 7, 2025