سڪرنڊ: فووڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ معاشي ۽ خوراڪ تحفظ لاءِ ٽريننگ سيشن
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ معاشي ۽ خوراڪ ۽ غذا جي تحفظ جي عنوان ھيٺ فووڊ ائينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن آف يونائيڊنيشن پاران نوابشاھ جي نجي ھوٽل ۾ ٽرينگ سيشن منعقد ڪيو ويو,
جنهن ۾ ايگزيڪيٽيو ڊارئڪٽر اينيمل بريڊنگ حيدرآباد ڊاڪٽر ڪريم ميمڻ ڊپٽي ڊارئڪٽر لائيو اسٽاڪ پروڊڪشن ڊاڪٽر برڪت علي لاکو , ڊپٽي ڊارئڪٽر لائيو اسٽاڪ ائينڊ اينيمل ھسبنيڊري ڊاڪٽر اعجاز لغاري ,وٽنري آفيسر تعلقي دوڙ ڊاڪٽر قيوم خانزادھ ميڊيا سان واسطو رکندڙ نيوزاينڪر شيراز ڳورڙ ۽ شھيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي شاگردن استادن توڙي ھيومن اپيل ۽ فارمر فيلڊ جي اسڪولز ۾ ڪم ڪندڙ ڪندڙن پاران شرڪت ڪئي وئي , پروگرام جي شروعات تلاوت قران پاڪ سان ڪئي وئي , ڊاڪٽر بلال احمد آيل مھمانن کي آجيان واري تقرير ڪري مھمانن کي ڀليڪار ڪيو
جنھن بعد ڊارئڪٽر بريڊنگ ڪريم ميمڻ , ڊپٽي ڊارئڪٽر لائيو اسٽاڪ پروڊڪشن ڊاڪٽر علي برڪت لاکو ,ڊپٽي ڊارئڪٽر لائيو اسٽاڪ اعجاز لغاري ۽ ٻين پاران خطاب ڪيو ويو
خطاب ۾ پنهنجي تجربن ۽ پنهنجي ڊپارٽمنٽس جي مھيا ڪندڙ سھوليات بابت آگاھ ڪيو ۽ فووڊ ائينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن آف يونائيڊنيشن جي ڪيل ڪم کي ساراھيو جڏھن تھ اتي موجود فارمر فيلڊ اسڪول سان واسطو رکندڙ پنهنجي پريزنٽيشن پيش ڪري پنهنجي ڪيل ڪم بابت آگاھ ڪيو.
مَي 7, 2025