سکر: لاکين جي دڙي مان قديم دور جا اوچا پليٽ فارم، چرٽ، ۽ ٽامي جا مڻيا هٿ – آرڪيالاجي کوٽائي چاليهون ڀيرو جاري

Spread the love

سکر ( رپورٽ:مداد گل ڪلوڙ) سکر جي تاريخي ماڳ لاکين جو دڙي جي چاليھون ڀيرو ٻارنهن ھنڌن تان کوٽائي دوران ڪچين سرن جا پنج ميٽر ويڪرا اوچا پليٽ فارم، حقيقي پٿر نما چرٽ ،ٽامي جا مڻيا مليا، لاکين جي دڙي جا چار دور ملن ٿا ھڪ دور زمين جي ھيٺ ٽي دور زمين جي مٿان آھن غلام مصطفي شر خبر موجب سکر جي تاريخي ماڳ لاکين جو دڙي جي ثقافت کاتي جي آثارا قديمي کاتي جي طرفان آرڪيالاجي شعبي لطيف يونيورسٽي جي اڳوڻي چيئرمين چيئرمين غلام مصطفي شر  ۽ ثقافت کاتي آثار قديمه سکر جو ڊائريڪٽر خير محمد قريشي جي نگراني ۾ چاليهون ڀيرو کوٽائي شروع ڪئي وئي آهي جيڪا 15مئي تائين جاري رهندو

کوٽائي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور آرڪيالاجي شعبي جا شاگرد حصو وٺي رهيا آهن. غلام مصطفي شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کوٽائي دوران ڪچين سرن جا پنج ميٽر اوچا ۽ پنج ميٽر ويڪرا پليٽ فارم مليا آهن. جيڪي ان دور ۾ ھتي رھندڙ ماڻهن ٻوڏ کان بچاء جي لاءِ ٺاهيا ھئا. ساڳئي انداز وارا پليٽ فارم موھن جو دڙو ،ڪوٽڏيجي جي ڀرسان ڏيجي جي دڙي تان پڻ مليا هئا.

 اھي پليٽ فارم اوچا ان جي ڪري ٺاهيا ويا هئا ته جيئن ٻوڏ، برسات جو پاڻي گھرن کي ٻوڙي نه سگھي. لاکين جي دڙي جا چار دور ملن ٿا. ٽي دور زمين ھيٺ آهن ھڪ دور زمين مٿان آهي. جنھن جي نشاندهي ڪئي آهي. کوٽائي دوران حقيقي پٿر نما چرٽ ،جيڪي طور ماپ ۾ ڪم ايندا هئا. جن کي بينڊيٽ چرٽ چوندا آهن،

 ان کان علاوه ٽامي جا مڻيا ۽ ٻيو گهڻو سامان مليو آهي. هن وقت ٻارنهن ھنڌن تان کوٽائي ھلي پئي. کوٽائي جي ھڪ مھيني جي عرصي دوران پوري دڙي جي رخ ۽ٽائون پلاننگ کي ڏسنداسين.

ھن چيو ته ھتان جا ماڻهو گھر ڪن ٿا ته ملندڙ قديمي آثار کولي رکو ۽ ملندڙ سامان به دڙي تي ميوزيم ٺاهي رکيو وڃي ڏسڻ جي لاءِ. ان سلسلي ۾ ھن چيو ته ڊي جي آرڪيالاجي سان ڳالهائيندس ته ملندڙ آثارن کي لوڻ کان صاف مٽي جا تھ چاڙهي محفوظ ڪيون ڪوشش آهي ته ميوزيم به دڙي ٺاهيو وڃي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو