سکر: سيپڪو جي امڪاني نجڪاري خلاف واپڊا ورڪرز جو احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻو، جائز حقن لاءِ زوردار نعريبازي

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)سيپڪو جي امڪاني نجڪاري خلاف  ۽ جائز مطالبن جي مڃتا لاء آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ورڪررز يونين (سي بي اي) سيپڪو سکر جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن وڏي انگ ۾ سرڪل آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي يونين جي اڳواڻ ريجنل سيڪريٽري خليل احمد ڊومڪي، شجاع علي گهمرو۔اڀراهيم ڏهر هارون سيال، نظر محمد ميمڻ، اشفاق احمد مهر، سرور علي هڪڙو، لالا نزاڪت پٺاڻ، مقصود ملاح، سيد زاهد حسين شاهه، هدايت الله ڪورائي، نديم کوسو، عبدالخالق ساوند، عقيل احمد دايو، عباس علي شاهه، ماجد  حسين، شمس الدين انڙ، نديم ڪورائي، طاهر پيرزادو، غلام محمد عباس، ڏاڏا ديدار حسين ۽ ٻين ڪئي .

ان موقعي تي مظاهرين واپڊا جي امڪاني نجڪاري ۽ حڪومت جي ملازم دشمن پاليسين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حڪومت فوراً ملازم دشمن پاليسيون ختم ڪري. هنن چيو ته ملازمن پنهنجو رت ۽ پگهر ڏئي کاتي کي ترقي جي راهه تي آندو آهي،

تنهن ڪري هن اداري جي نجڪاري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت فوري طور نجڪاري وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن جي اندر پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري محنتي ملازمن کي سندن جائز حق ڏنا وڃن، ملازمن کي ميڊيڪل الائونس فوري طور تي ڏنو وڃي، کين حادثن کان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، واپڊا ۾ نون ملازمن جي ڀرتي ڪئي وڃي، رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن جڏهن ته فوتي ملازمن جي بيواهن  کي پلاٽ ۽ معاوضو مهيا ڪيو وڃي.

اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن ۽ اعليٰ عملدارن تي عائد ٿيندي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو