سڪرنڊ: غلام اصغر لاکو جي 12 هين ورسيءَ تي سيد زين شاهه پاران خراج عقيدت – “ڪردار ڪڏھن به لڪندو ناهي، ڳايو ويندو آهي”
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته ڪم ۽ ڪردار ڪڏھن به لڪندو ناهي بلڪه دنيا ۾ ڳايو ويندو آهي ۽ خاص ڪري اُھي ڪردار جن وطن خاطر پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي اهي امر ڪردار هوندا آهن
هُو سڪرنڊ لڳ لڌو لال قبرستان ۾ ايس يو پي جي جاکوڙي ورڪر غلام اصغر لاکو جي 12 هين ورسيءَ جي موقعي تي مرحوم جي ڀاءُ خادم حسين لاکو ۽ فرزند جمشيد لاکو سان گڌ سندس قبر تي گلن جي چادر چاڙھڻ ۽ فاتحه خواني ڪرڻ وقت ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته اسين سمجهون ٿا غلام اصغر لاکو انهن ڪردارن مان هو . غلام اصغر لاکو سياسي لاڳاپن کانسواءِ به سنائي سيدن کي ويجهو رهيو سندس خلوص ۽ جدوجهد اڄ به ياد آهي
اڄ جي ڪارڪنن کي غلام اصغر لاکو جي سياسي جدوجهد مان سکڻ گهرجي سيد زين شاھ اهو به چيو ته ڪارڪن ڪنهن به تنظيم يا تحريڪ جو روح هوندا آهن پر اهي جن ۾ خلوص شامل هجي ۽ اڳتي به اُهي وڌندا آهن جن جي باري ۾ سائين جي ايم سيد چيو آهي ته اوهان خوف ۽ لالچ ڇڏي ڏيو
دنيا جي ڪا طاقت اوهان جو ڪجھ بگاڙي نٿي سگهي . ان موقعي تي مشهور قومي گيت ” وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو “ پڻ پيش ڪيو ويو ورسي تقريب ۾ ايس يو پي جو ضلعي سيڪريٽري فقير غلام مصطفي ڪيريو ، ايوب کوسو ، فلڪ شير اوڏ ، قاسم سومرو ، چڱل خان انڙ ، علي سومرو ، محمد علي جلباڻي ، رمضان ڪيريو ، رضا بروھي ، عمران ڪيريو ، رفيق چانڊيو ، جاويد چانڊيو سميت ايس يو پي جا ورڪر ۽ ھمدرد پڻ موجود هئا.
مَي 7, 2025