پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: دنيا جي وڏين هوائي ڪمپنين پاڪستاني فضائي حدن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پهلگام حملي کان پوءِ جاري پاڪستان-ڀارت تڪرار سبب دنيا جون ڪيترائي وڏين ايئر لائينز پاڪستاني هوائي حدن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو.
لفٿانزا، امارات، سوئس ايئر، برٽش ايئرويز، ۽ ايئر فرانس سميت ڪيترين ئي عالمي ايئرلائينز پاڪستان جي فضائي حدن مان گذرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب انهن جي ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ اُڏامن جو سفر ڊگهو ٿي ويو آهي.
لفٿانزا ايئرلائين 22 اپريل 2025 تي پهلگام حملي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وڌندڙ تڪرار کي ڄاڻائيندي باظابطا اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ حڪم تائين پاڪستاني فضائي حدن جي استعمال کان پاسو ڪندي.
ايئرلائين اختيارين موجب، اهو فيصلو ٻين ايئر لائينز جي پاليسين کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جيئن ته ايئر فرانس، برٽش ايئرويز، سوئس انٽرنيشنل ايئرلائينز، ۽ امارات پڻ پاڪستاني فضائي حدن کي نظرانداز ڪندي پنهنجن رستن کي تبديل ڪيو آهي، جنهن سبب اُڌامن جو دورانيو وڌي ويو آهي ۽ ٻارڻ جو خرچ به وڌيو آهي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو