سکر ۾ سماج دشمن عناصـرن خلاف آپريشن، 4 جوابدار گرفتار ۽ منشيات، هٿيار هٿ

Spread the love

سکر (بيورورپورٽ)ترجمان سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي سماج دشمن عناصـرن خلاف مهم جاري آهي،

جنهن تحت وڌيڪ 4 جوابدار گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ڪارروائيون هن ريت عمل ۾ آنديون ويون روهڙي پوليس مجاهد علي ولد سهراب علي عمراڻي نالي جوابدار کي هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري، سندس خلاف دفعو 23(i)A تحت ڪيس نمبر 107/25 داخل ڪيو آهي.ترجمان موجب جوابدار اڳ به ٽي ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي،

جن ۾ ڪيس نمبر 142/13، دفعا 324، 353ڪيس نمبر 80/14، دفعو 452ڪيس نمبر 3/17، دفعو 9 CNS شامل آهن.روهڙي پوليس هڪ ٻي ڪارروائي ۾ اختر ڌاريجو نالي جوابدار کي 2000 گرام چرس سان گڏ گرفتار ڪري، سندس خلاف دفعو 9(3) CNS تحت ڪيس نمبر 106/25 داخل ڪيو آهي.ٿاڻو صالح پٽ جي ايس ايڇ او برڪت علي ولد محرم علي (رهاڪو تعلقو روهڙي) کي 4 بوتلون شراب سان گڏ گرفتار ڪري، سندس خلاف دفعا 3/4 PEHO تحت ڪيس نمبر 56/2025 داخل ڪيو آهي.

پنوعاقل پوليس شفقت چاچڙ نالي جوابدار کي دفعا 3/4 PEHO (لسٽ بي ڪيٽيگري) تحت گرفتار ڪري، ڪيس نمبر 111/25 داخل ڪيو آهي.پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي هلندڙ آپريشن جو مقصد ضلعي کي منشيات، غير قانوني هٿيارن ۽ سماج دشمن عنصرن کان پاڪ ڪرڻ آهي، ۽ اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.

مَي 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو