دادو: شھيد شاہجهان پارڪ ۾ بجلي چوري جو انڪشاف، ميونسپل انتظاميہ سخت کارروائي ڪرڻ لاءِ پرعزم
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ عوام جي تفريح لاءِ پير مظھرالحق ۽ پير مجيب الحق پاران قائم ڪيل شھيد شاهجهان پارڪ مان ڪجھ ماڻهن پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،
چيف ميونسپل آفيسر مختيار احمد راهپوٽو پاران بار بار روڪڻ باوجود دادو ۾ عوام جي تفريح ۽ کين صحتمند ماحول ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل شاھجھان پارڪ 1 ۽ 2 کي بجلي مھيا ڪرڻ لاءِ لڳايل ٽرانسفارمر مان ڀرپاسي جا رھواسي چوري ڪُنڊا لڳائي بجلي چوري ڪرڻ لڳا آهن، سندن اِن غير قانوني عمل جي ڪري نہ صرف بجلي جي بل ۾ واڌ اچي ٿي پر وڌيڪ لوڊ سبب ٽرانسفارمر سڙي وڃي ٿو،
ميونسپل انتظاميہ اھڙن عناصرن کي سختي سان منع ڪري ٿي تہ ھاڻي اھڙو ڪوبہ غير قانوني عمل برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ چوري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي چوري جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا آهن،
مَي 4, 2025