ملير: سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪو آپرٽيو فارمنگ خلاف احتجاجي ريلي
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪو اپرٽيو فارمنگ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ، ڪيو اي ٽي طرفان رزاق آباد ۾ احتجاجي ريلي، عوامي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، ريلي ۾ شاگردن کان علاوه قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين جي وڏ تعداد ۾ شرڪت، اڀ ڏاريندڙ نعرا، ڪينالن ختم ڪرڻ وارو اعلان حڪومت جو دوکو، سنڌي عوامي کي زمينون ۽ درياھ بچائڻ لاءِ ڊگهي ويڙھ پڙهڻي پوندي،
اڳواڻ تفصيل موجب سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪو آپرٽيو فارمنگ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ ڪيو اي ٽي طرفان ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر غلام مدثر سرڪي، جنرل سيڪريٽري ثقلين عباسي، راشد جتوئي، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، حري رام، جنسار هيسڀاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد جي مک چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
ريلي ۾ شاگردن کان علاوه قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين جي وڏ تعداد ۾ شرڪت ڪئي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي تڪراري ڪينالن ۽ ڪو آپرٽيو فارمنگ رٿا ختم ڪريو جا نعرا هڻي رهيا هئا.
اڳواڻن چيو ته سي سي آئي اجلاس زريعي رٿا کي وقتي طور التوا جو شڪار ڪري تقراري رٿائن کي ختم ڪرڻ جا جڙتو اعلان ڪري ماڻهن جي ڪاوڙ کي تڏو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هنن چيو ته ڪينال ختم ڪرڻ وارو اعلان حڪومت جو دوکو آهي سنڌي عوامي کي زمينون ۽ درياھ بچائڻ لاءِ ڊگهي ويڙھ پڙهڻي پوندي.
مَي 4, 2025