ملير: عبدالغني باريجو جو پريس ڪانفرنس ۾ تشدد، اغوا ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف انصاف جي اپيل

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) مقامي صحافي ۽ سماجي ورڪر عبدالغني باريجو عوامي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي نياڻي سورٺ ٻه سال اڳ عدالت ذريعي اسان جي مرضي خلاف حارث جمالي سان شادي ڪئي هئي، شادي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس مڙس حارث، ڏيرن جنيد، زوهيب راجا ۽ سس مٿس تشدد شروع ڪري ڏنو ۽ کيس اڪثر ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا هئا،

منهنجي نياڻي کي سندس مڙس مڙس چوندو هو ته پنهنجي بابا وارن کان پئسا وٺي اچ، جڏهن پئسا نه ڏيندا هئاسين ته ان ڏينهن کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا،

عبدالغني جو چوڻ هو ته منهنجي نياڻي جو 6 تولا سون به سندس مڙس بهاني سان کڻي وڃي وڪڻي ڇڏيو آهي، منهنجي نياڻي سورٺ روز روز جي مارڪٽ ۽ ظلمن کان تنگ ٿي اسان وٽ پهتي ته هاڻي هن گهر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اسان خلع لاءِ ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪايو آهي ته منهنجي نياڻي جو مڙس ۽ ساهرا ڏمرجي پيا آهن،

هنن ڪيترائي ڀيرا منهنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ ڀيرو منهنجي ڏوهٽي شاهه زين جنهن جي عمر 11 سال آهي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي رڙين تي منهنجي گهرواري پهچي وئي ته جوابدار کيس ڇڏي ڀڄي ويا، اهڙي قسم جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس پنهنجي روايتي سستي سبب ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي،

ان واقعي کان پوءِ هنن منهنجي مٿان حملو ڪري جهيڙي جو ڪيس منهنجي مٿان داخل ڪرايو، هنن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي مون سميت منهنجي پٽ مهراڻ باريجو، منهنجي ٻين عزيزن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، هن هاءِ ڪورٽ سنڌ جي چيف جسٽس، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته مون سميت سڀني عزيزن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس خارج ڪري اسان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو