ڪوٽ غلام محمد: زبون حال پرائمري اسڪول، شاگردن جي زندگي کي خطرو، نئين بلڊنگ ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: صوڀو خان جت) پرائمري اسڪول زبون حال ھجڻ ڪري تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي زندگي کي خطرو ، اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول ٻار  خوف ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا،  تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي حد ڳوٺ مولوي حبيب الله خاصخيلي ديھ 275 يوسي ميرالھداد خان ٽالپر ۾ واقع اسڪول زبون حال بڻجي وئي

 ان حوالي سان  ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ مولوي حبيب الله خاصخيلي ۾ ٻيون ته ڪي به بنيادي سهولتون ڪونھي پر ڳوٺ جي ھي پرائمري اسڪول ڪئين سالن کان زبون حال آهي.

 اسڪول جي ڪمرن جون ديواريون ڪري رهيون آهن. اسڪول ۾ بجلي، پاڻي، واشروم، چوديواري سميت ڪا به سهولت ميسر نه آهي. اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هئڻ ڪري ڪيترائي والدين اسڪول جي بلڊنگ ڪِرڻَ جي خوف کان ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ نٿا موڪلين ۽ ٻارڙن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ موڪلڻ تي مجبور آهن.

 اسڪول ۾ موجود استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي نئين بلڊنگ سميت تعليم جون جديد سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ ٻار پنھنجي تعليم بنا خوف جي حاصل ڪري سگھن.

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو