شاھ لطيف ٽائون ۾ اغوا ۽ تشدد جو ڪيس، ڪاروباري شخص سرفراز آرائين جي فرياد تي پوليس اهلڪارن ۽ خانگي ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) شاھ لطيف ٽائون مان اغوا بعد بازياب ٿيل ڪاروباري شخص سرفراز آرائين جي اغوا جو ڪيس پوليس اهلڪارن۽ خانگي ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل،  سرفراز آرائين طرفان فرياد ۾  پوليس ڪانسٽيبل امام بخش زرداري، شڪيل فيروز جٽ، عرفان عرف ماني ڪيس نامزد ، ڪيس ۾ خاور، عاطف لاکير، شڪيل عرف ڀنگي سميت 4 نامعلوم  به شامل، 28 اپريل تي مونکي منهنجي دوستن سان گڏ اغوا ڪري لنڪ روڊ پوليس چوڪي تي بند ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي 3 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو

 فريادي سرفراز آرائين

تفصيل موجب شاھ لطيف ٽائون مان  هڪ هفتو اڳ اغوا بعد بازياب ٿيل ڪاروباري شخص سرفراز آرائين  شاه لطيف ٿاڻي تي پوليس ڪانسٽيبل امام بخش زرداري، شڪيل فيروز جٽ، عرفان عرف ماني سميت خاور، عاطف لاکير، شڪيل عرف ڀنگي سميت 4 نامعلوم  ٻين کي نامزد ڪيو آهي

 سندس چوڻ هو ته 28 اپريل تي مونکي منهنجي دوستن سان گڏ اغوا ڪري لنڪ روڊ پوليس چوڪي تي بند ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي 3 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪندي مونکي بليڪ ميل ڪيو ويو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون

هن ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي فريادي سرفراز جو وڌيڪ چوڻ جو هو ته اغوا تشدد ۽ بازيابي بعد مون ثبوت پيش ڪيا

 آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي انڪوائري ڪئي وئي هاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو