حڪومت جو جوابي وار، پاڪستان ۾ آءِ پي ايل تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) کي پاڪستان ۾ ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
حڪومت ملڪ اندر مقامي پليٽ فارمز تي آءِ پي ايل جي آن لائن اسٽريمنگ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.
حڪومت موجب هاڻ پاڪستان ۾ لائيو اسٽريمنگ ايپس ذريعي آءِ پي ايل نه ڏيکاري ويندي، اهو فيصلو ڀارتي حڪومت جي قدمن جي جواب طور ڪيو ويو آهي.
آن لائن اسٽريمنگ چينل پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ آءِ پي ايل جي آن لائن اسٽريمنگ هاڻ ملڪ اندر بند ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ڀارتي حڪومت پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ، پنهنجي ملڪ ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.