اڃان کيل ختم نه ٿيو آهي

Spread the love

عبدالقادر رانٽو

عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي صاحب جي صدارت واري دور کان وٺي مختلف اتحادن وسيلي توڙي پنهنجي پليٽ فارم تان پاڻي زمينن ٻين وسيلن لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪندي رهي آهي پر تازو جيئن ئي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ڏنل 52 هزار ايڪڙ زمين ۽ اسٽريٽجڪ ڪينالن بابت ڳجھ ڳوھ ۾ ڪيل فيصلو منظر عام تي آيو ته ان جي خلاف پهريون ۽ اثرائتو احتجاج عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان 12 فيبروري 2023ع تي ڪراچي ۾ ڪيل عظيم الشان ريلي سان ڪيو ويو، ان کان پوءِ عوامي تحريڪ طرفان ڪانفرنسون، سيمينار، مظاهرا ۽ ريليون جاري رکيون ويون. ان وچ ۾ آهستي آهستي ٻين سياسي ڌرين به جدوجهد ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان جدوجهد ۾ تيزي 17 نومبر 2024ع تي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين عوامي تحريڪ طرفان ٻيو دفعو ٿيل تاريخي ريلي ۽ بعد ۾ پريس ڪلب ڪراچي اڳيان ٿيل جلسي عام کان پوءِ آئي. هتي هي ڳالھ ذهن ۾ رکڻ جهڙي آهي ته هڪڙي پاسي سيد زين شاھ صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ درياءَ بچايو ڪميٽي نالي اتحاد ٺاهيو ويو، جنهن ۾ پهرئين ڏاڪي تي (عوامي تحريڪ کان سواءِ) سنڌ سان تعلق رکندڙ گهڻو ڪري سموريون سياسي ڌريون شامل هيون، پوءِ روز بروز جيئن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف پرامن جدوجهد زور ٿيندي ويئي، ايس يو پي جي سربراھ زين شاه صاحب درياءَ بچايو ڪميٽيءَ جو دائرو وڌائيندو ويو، پهرين مرحلي ۾ جي. ڊي. اي کي درياءَ بچايو ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ جيئن جيئن سنڌ اندر تحريڪ زور ٿي ورتو، تيئن تيئن درياءَ بچايو ڪميٽيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ويو. نيٺ  پوزيشن اتي وڃي پهتي ته جمعيت العلماءِ اسلام، جماعت اسلامي ۽ پي. ٽي. آئي سان گڏ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد، جنهن ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي، تحريڪ انصاف، وحدت المسلمين، سني اتحاد ڪائونسل، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) شامل آهن، اهي درياءَ بچايو ڪميٽيءَ جو حصو ٿي ويون.

هيءَ ڳالھ ڪندي مون کي ڪابه هٻڪ ڪونه ٿي ٿئي ته عوامي تحريڪ طرفان درياھ بچايو ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف پنهنجي غريباڻي پليٽ فارم تان جدا جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو چند ڏينهن بعد ايس يو پي سميت سنڌ جي سڀني قوم دوست، ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽين جي به اها مجبوري ٿي پيئي ته اهي به سنڌي عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين. تنهنڪري سڀئي ڌريون پنهنجي پنهنجي پهچ آهر ميدان تي لٿيون ۽ هڪڙي مقابلي بازي شروع ٿي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن ۾ سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ڏھ ڏھ ريليون، ڌرڻا، مظاهرا ۽ بک هڙتالون ٿيڻ لڳيون. ان وچ ۾ درياءَ بچايو ڪميٽي به، ٻه ٽي ريليون ضرور ڪڍيون پر مقابلي بازيءَ ۾ درياءَ بچايو ڪميٽي اتحاد جون ڪي ڌريون مثلن قومي عوامي تحريڪ، جمعيت العلماءِ اسلام، جيئي سنڌ (آريسر)، جيئي سنڌ قومي پارٽي (نواز خان)، جيئي سنڌ قومي محاذ، خود ايس يو پي به جدا جدا مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا ڪرڻ لڳا. انهن ۽ ان سان گڏ ٻين جدوجهد ڪندڙن ڌرين جهڙوڪ اسڪولي شاگردن، ڊاڪٽرن، آبادگارن ڪيترن عام شهرين جي زوردار جدوجهد جي شور ۾ درياءَ بچايو ڪميٽي اتحاد جي ريلين جو ڪو آواز نروار نه ٿي سگهيو.

اسان کي تصور ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند پارٽي به درياءَ بچايو ڪيمٽيءَ ۾ هجن ها ته ان گڏيل اتحاد طرفان روزانو وڌ ۾ وڌ ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هڪ پروگرام ٿئي ها. اسان اظهار ڪريون يا نه ڪريون پر اها حقيقت پڌري پٽ موجود آهي، جيڪا ماضيءَ جي اتحادن جي پروگرامن مان ظاهر ٿئي ٿي ته اتحادن جي گڏيل جلسن ۾ هر هڪ ڌر مڙئي ٽوڪن طور شرڪت ڪندي آهي. ماضيءَ جي اتحادن جي جلسن، ريلين يا پروگرامن جو جائزو وٺبو ته نظر ايندو ته جيڪڏهن اتحادي ڌرين مان هر هڪ ڌر ايمانداريءَ سان مڪمل زور لڳائي گڏيل ريلين ۽ جلسن ۾ پنهنجي واسطيدار ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ڪرائي ها ته ماضيءَ ۾ جهڙا پروگرام ٿيا، ان کان ڏهوڻا ٿين ها. ان کان سواءِ اتحاد جي گڏيل پروگرامن ۾ ليڊرن جي معتبري وڏو مسئلو بڻجندي رهي آهي، جيڪو ليڊر ڇڪي تاڻي هڪ سئو ماڻهو به مشڪل سان آڻيندو آهي. اهو ڪوشش ڪندو آهي ته آئون سڀني جي اڳيان هلان. تنهنڪري هن دفعي ليڊرن جي برتريءَ جي مقابلي بازيءَ بدران ڪارڪردگيءَ جي مقابلي بازي هئي. مثلن اها مقابلي بازي هئي ته ڪهڙي ڌر جي پروگرام ۾ گهڻا ماڻهو ٿا اچن، اهو مقابلو هو ته ڪهڙيءَ ڌر جي پرگرام ۾ مايون اچن ٿيون يا نه، عورتون ڪنهن جي پروگرام ۾ گهڻيون ٿيون شامل ٿين، اهي تقريرون ڪن ٿيون ۽ نعرا هڻائين ٿيون. ڪهڙيءَ ڌر وڌ ۾ وڌ پروگرام ڪيا. ان مقابلي بازي لکين عام ماڻهن کي حرڪت ۾ آندو.  جيتري قدر هن جدوجهد جي حاصلات جي ڳالھ آهي، ان سلسلي ۾ 10 مارچ 2025ع تي مون فيسبوڪ تي لکيو هو ته، “ھوئج ھوشيار خبردار، ترڪڻ آهي تڙ ۾”

سنڌ دشمن ڪينالن خلاف سنڌي عوام جي پُر امن جدوجهد ڏينھون ڏينهن سگھاري ٿي رھي آھي. جتي سنڌ جا سڄڻ ھن جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائي، ڪالاباغ ڊيم جي جدوجهد وانگر ڪينالن جو ڪم روڪرائي، سنڌي قوم کي ڪاميابيءَ جون واڌايون ڏياري قومي خوداعتمادي بحال ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن سرگرم آهن، اتي سنڌ دشمن به ستل ڪونه آھن. اھي اسان جي ھن پُر امن سگھاري جدوجهد کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ناڪام ڪرڻ لاءِ ضرور ڪي گھاٽ گھڙيندا ھوندا، جن جا ڪجهه اھڃاڻ نظر به اچن پيا. اسان سنڌ جي سڄڻن ۾ اھا پھچ ڪانھي ته اسان مان ڪي سنڌ دشمنن جي صفن ۾ شامل ٿي انھن کان ڪي عملي غلطيون ڪرائي، سنڌ جي سڄڻن جي جدوجهد کي فائدو ۽ سنڌ دشمنن جي سازشن وارين حڪمت عملين ۽ پاليسين کي ناڪام بڻائي سگھون پر ان جي ابتڙ سنڌ دشمنن ۾ اھا وڏي پھچ آهي ته اسان جي صفن ۾ سنڌ جي سڄڻ جي روپ ۾ شامل ڪرائي، اسان کان غير ضروري اٻهرائيون ڪرائي، غلطيون ڪرائي اسان کي صحيح رستي تان ڦيرائي اسان جي وچ ۾ اختلاف، انتشار پيدا ڪري ناڪام بنائين، جيئن ھو ھميشه ڪندا آيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سڄڻن جي صفن مان پنهنجي پنهنجي پسند جون مختلف تجويزون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. ھڪڙا چوڻ پيا ته لوھ تپي چڪو آهي، ھاڻي لوھار وارو ھڪڙو ڌڪ ھڻڻ گھرجي، ڪي چون ٿا ٺڪاءُ ٺڪڙي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيڪي ٺڪاءُ ٺڪڙي جي مخالفت ڪن ٿا، انهن کي ھو ڊڄڻو يا ڀاڙيو سمجھڻ ٿا. ڪي چون ٿا ته پنجاب جا رستا بند ڪريو، ڪن ريلين ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ جا نعرا به لڳا آهن، ان سان گڏ برفت صاحب به ميدان ۾ آهي. اھڙيون تجويزون ڏيندڙ صاحبن جو ان ڳالھ سان ڪوبه واسطو نه آهي ته سندن ڏنل تجويزون قابل عمل آھن يا نه؟ ھن وقت سڄي سنڌ روڊن تي آهي. سموريون جدوجهدون سياسي پارٽين جي ضابطي ۾ نه آھن. مثال وڪيل، آبادگار، شاگرد، استاد ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل سنڌي به ھن جدوجهد ۾ شامل آھن، جيڪا اسان جي قومي خوشبختي آهي ۽ اھو ھڪڙو جدوجهد جو شاندار عوامي رنگ آهي پر اھڙين خوبصورت عوامي جدوجهدن کي ان جدوجهد جون مخالف قوتون پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهنديون آهن، جنهن جو تازو مثال بحريا ٽائون وارو ڌرڻو آهي، تنھن ڪري سنڌ جي سڄڻن کي ھيرو ٿيڻ جي مقابلي ڪرڻ بدران جدوجهد کي صحيح واٽ تي ھلائي ڪاميابي جي منزل تي پھچائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ڪرڻ گهرجن. جيئن ٿيو ائين ئي ٿيڻ جا شروع کان ئي تمام گهڻا امڪان موجود هئا، ڇا ڪاڻ ته هن جدوجهد ۾ تمام گهڻن خيالن وارا ماڻهو شامل هئا. اهو خطرو سمجهڻ جي باوجود بروقت ان جو تدارڪ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪير به نه هو.

سو ان سلسلي ۾ منهنجو خيال آهي ته جيڪي سوچين ٿا ته ڪجھ به حاصل نه ٿيو، اها ڳالھ به درست ناهي. اسان انڌ جي گهوڙي چڙهيل طاقتور قوتن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو آهي. هي ته جدوجهد جو پهريون مرحلو پورو ٿيو آهي. اسان کي پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي بچاءَ جي جدوجهد اڃان ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻي آهي. ان لاءِ سنڌي عوام کي وڏي عرصي واري جدوجهد لاءِ ذهني طرح تيار ڪرڻو آهي ۽ جدوجهد به پوري حوصلي، جذبي ۽ سمجهداري سان جاري رکڻي آهي.

هي تان ٿورڙيون، جي تون ڀورا ڏسي ڀُلئين،

راتيون ٻيون گهڻيون، جي تو اينديون هيڪلي   (شاه)

موجوده جدوجهد مان مطالبن مڃجڻ يا نه مڃجڻ کان سواءِ به بحيثيت هڪ قوم جي جيڪڏهن اسان سبق حاصل ڪرڻ چاهيون ته سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ مواد موجود آهي، جنهن مان سکي اڳتي وڌيڪ اعتماد ۽ سمجهداري سان اڳتي وڌي سگهنداسين. اها خود هڪ وڏي حاصلات آهي.

لظيف چواڻي:

سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال

سوين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،

جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو