وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جون پگهارون ايم اين ايز برابر، صدر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ ترميم ۽ ٽيڪس قانونن ۾ ترميم سميت چار آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا.
صدر آصف علي زرداري وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب هاڻ وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهار قومي اسيمبلي ميمبرن جي پگهار جي برابر هوندي.
صدر ٽيڪس قانونن ۾ ترميم جو آرڊيننس به جاري ڪيو، انڪم ٽيڪس آرڊيننس ترميم تحت عدالتن، فورم يا اٿارٽي جي فيصلي کانپوءِ انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت ٽيڪس ادائيگي فوري طور ڪئي ويندي يا انڪم ٽيڪس اٿارٽي طرفان نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل مدي ۾ ٽيڪس ادائيگي ڪئي ويندي، فيصلي بعد واجب الادا ٽيڪس فوري طور يا ٽيڪس اٿارتي جي نوٽيس جي اندر وصول ڪيو ويندو.
بورڊ يا چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو آفيسر يا لاڳاپيل اهلڪار کي ڪنهن به شخص يا گروهه جي جاءِ تي مقرر ڪري سگهي ٿو ته جيئن هو ان جي پيداوار جي نگراني، مال جي سپلاءِ، سروس جي فراھمي يا اهڙي مال جي نگراني ڪري، جيڪو وڪرو نه ٿيو هجي.
فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ ۾ ترميم تحت جنهن مال تي ٽيڪس اسٽيمپ يا بار ڪوڊ ليبل لڳل نه هوندو، اهو ضبط ڪيو ويندو، جعلي مال جي نگراني لاءِ ايف بي آر ڪنهن به وفاقي يا صوبي ملازم کي ان لينڊ ريونيو آفيسر جا اختيار ڏئي ڇڏيندو.
صدر آصف علي زرداري قومي زرعي واپار ۽ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جي قيام جو آرڊيننس به جاري ڪيو آهي.