ڀارتي جارحيت، پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل ۾ آواز اٿارڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي کي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي خطي جي صورتحال بابت باقاعدي بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي جارحاڻي قدمن بابت آگاهه ڪندو، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي معطلي واري ڀارتي غير قانوني قدم تي به آواز اٿاريو ويندو.
پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان طرفان واضح ڪيو ويندو ته ڀارت جو جارحاڻو رويو ڪيئن خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي.
پڌرائيءَ موجب اهو سفارتي قدم پاڪستان جي عالمي برادري آڏو حقيقتون پيش ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.