ڄامشورو ۾ ڦر جي مذاحمت دوران نينگري قتل، عوامي غم و غصو
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارٽ ڪوريجو) ڄامشورو ڦرون لٽيرن جو شھر ھاڻي تـ ان وحشين جي محصوم ٻارڙا بـ نشاني تي اچي ويا
سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي شورا ڳوٺ وٽ ڦر مذاحمت تي ڦورن جي فائرنگ گھر اڳيان بيٺل بيگناھ نياڻي سدرا نوحاڻي زخمن جا سور نـ سھندي فوت ٿي وئي آھي
سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي فيز 2 لڳ شورا ڳوٺ ۾ دلدار گاڏهي ڪٻاڙي جي دوڪان تان ڦر جي ڪوشش. مزاحمت تي ڦورن پاران فائرنگ ڪئي وئي رستي ويندي 8 سالا نينگري سدره نوحاڻي جيڪا صحافي مير مرتضي’ نوحاڻي جي ماروٽ آهي سا سخت زخمي ٿي يئي جڏهن ته ڦورو فرار ٿي ويا.
نينگري لمس اسپتال منتقل نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ھو جٿي ھو وڌيڪ زخمن جو سورنـ سھندي فوت ٿي وئي.
مَي 3, 2025