سڪرنڊ: آفتاب احمد چانڊيو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن تي شامي تقريب، “شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو” جي عنوان هيٺ ڀيٽا پيش

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايڪشن الائنس سڪرنڊ پاران الائنس جي چيئرمين آفتاب احمد چانڊيو سان ” شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو “ جي عنوان هيٺ سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن عيوض الائنس جي جنرل سيڪريٽري ايوب کوسو جي ميزبانيءَ هيٺ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو

جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري نور ڪيريو ، سڪرنڊ پريس ڪلب جو انفارميشن سيڪريٽري غلام نبي ملاح ، اديب ماڻڪ ملاح ، ايس يو پي جو فقير قادري ، ايس ٽي پي عبدالقادر جيلاني ، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ، نيشنل پريس ڪلب جو غلام قادر چانڊيو ، ميڊيا سينٽر جو قربان عمراڻي ، پرائيم ميڊيا جو شبير راجپوت ، يو ايس ايف جو نياز لاشاري ، نيشنل الائنس جو وائيس چيئرمين بشير لاشاري ، جي ڊبليو سي جو وارث نوناري ، شهري اتحاد جو ڊاڪٽر اقبال ڀٽي  ۽ ٻيا هئا جن آفتاب احمد چانڊيو جي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي چوڻي آهي ته انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي اسين سمجهون ٿا ته آفتاب چانڊيو انهن زنده ڪردارن مان آهي جو اڄ کيس سندس موجودگيءَ ۾ ساراهيو پيو وڃي

 هنن چيو ته اسان آفتاب چانڊيو کي هميشه هاڪاري ڪردار هئڻ سان گڏ کيس هر وقت سنڌ لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي ڏٺو آهي سنڌ تي جڏھن به ڪا رياستي نا انصافي ٿي آهي ته اسان  کيس مزاحمت ڪندي ڏٺو آهي

تازو سنڌوءَ مٿان اڏجندڙ ڇهن ڪئنالن واري مسئلي تي پڻ سندس ڪردار ساراھ جوڳو رهيو اسين کيس سنائي سيدن جي سوچ سان سهمت هئڻ تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا : ان موقعي تي صاحب محفل آفتاب احمد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين ته مان شڪر گذار آهيان سيد غلام مصطفيٰ شاھ ، ايوب کوسو ۽ علي سومرو جو جن مان ڏئي . عزت بخشي ، محبتي ميڙي ڪچهريءَ جو موقعو فراهم ڪيو

 هن چيو ته شاگرديءَ واري زماني کان وٺي طبيعت ۾ سنڌ جو عشق سمايل آهي ان ڪري جڏھن به سنڌ ڌرتي يا سنڌي قوم تي ڪو ڏکيو وقت اچي ٿو ته تڪليف ٿئي ٿي تازو جڏھن ڪئنالن وارو مسئلو اٿيو ته ٽي ڏينهن ٽي راتيون ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئيسين تقريب دوران آيل مهمانن پاران آفتاب احمد چانڊيو کي لنگين ، اجرڪن ۽ هارن جا تحفا پيش ڪيا ويا

ان کان اڳ نيشنل الائنس جي جنرل سيڪريٽري ايوب کوسو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو تقريب ۾ قلندر بخش ملاح قومي گيت پيش ڪيو جڏھن ته پروگرام جي ميزبانن اسرار سومرو ، جاويد سولنگي ۽ جنيد جمالي آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو آخر ۾ آفتاب احمد چانڊيو جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو .

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو