سڪرنڊ: سنڌوءَ بچاءُ تي ڪاميابيءَ جي خوشي،جي يو آءِ پاران يومِ تشڪر، ڪارپوريٽ فارمنگ جي زمينن جي واپسي جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جميعت علماء اسلام پاران صوبائي حڪم تي سڄي سنڌ جيئان  سڪرنڊ ۾ پڻ شهر جي اهم چوراهي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سنڌوءَ متان تڪراري ڪئنالن واري رٿا رد ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ يوم تشڪر ملهايو ويو

 ان موقعي تي جي يو آئي جي نائب صدر مولانا هدايت الله جمالي ، جنرل سيڪريٽري راشد محمود لغاري ، پريس ترجمان مير نثار ڪلر ۽ مختيار ڪلر الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اسين شڪر گزار آهيون مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن سميت سياسي سماجي تنظين جا جن سنڌوءَ خاطر جي يو آئي جو ساٿ ڏنو جنهن جي ڪري ڪمپني سرڪار ڇهن ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪيو هنن چيو ته ڪئنالن واري منصوبي تي ڪابه سودي بازي نه ٿيندي

 ان ڪري واڳ ڌڻين کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون هن وقت پوري سنڌ هڪ آواز آهي جيڪڏھن ڪئنالن واري معاملي تي ڪا وري هٿ چراند ڪئي وئي ته جمعيت هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي هوندي

 هنن اهو پڻ چيو ته اسين يوم تشڪر ملهاائڻ دوران اهو پڻ مطالبو ٿا ڪريون ته ڪاارپوريٽ فارمنگ تحت جيڪي سنڌ جون زمينون ڪمپني سرڪار کي ڏنيون ويون آهن

 اهي فورن واپس ڪيون وڃن ڇاڪاڻ جو اهي زميون سنڌ جي ملڪيت آهي بلڪه اسين اها پڻ گهر ڪنداسين ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن ان موقعي تي جمعيت جي ڪارڪنن کانسواءِ شهري پڻ موجود هئا جيڪي سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور ڪارپوريٽ فارمنگ نا منظور جا نعرا هڻي رهيا هئا .

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو