سڪرنڊ: 19 ساله نوجوان ناري صائمه ڏهيو جي مبينا خودڪشي، ٽي مهينا اڳ پيار جو پرڻو، سماجي دٻاءُ بعد ٻي شادي ، پوليس جاچ ۾ مصروف
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ حاجي بچل ڏهيو ۾ نوجوان ناري 19 ساله صائمه زال امام علي ڏهيو مبينا طور زهريلي دوا پي ڇڏي. نازڪ حالت ۾ کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب ناري فوت ٿي وئي.
ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي.
نوجوان ناري صائمه ٽي مهينا اڳ پنهنجي ويجهي عزيز فرمان علي ڏهيو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو
علائقي جي معززين ۽ برادري جي چڱن مڙسن پاران ناري کي واپس ڪرايو ويو هو جنهن بعد سندس مائٽن پاران فوتي ناري جي سئوٽ امام علي ڏهيو سان شادي ڪرائي وئي هئي.
کيس اڄ نوابشاهه ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو هو پر ناري فوت ٿي وئي.
سڪرنڊ پوليس جي ايس ايڇ او اصغر عالم ٻڌايو ته اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه ٻڌائي سگھجي ٿو.
مَي 3, 2025