عمرڪوٽ: عالمي صحافت جي ڏهاڙي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ شاندار تقريب، پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج، صحافين لاءِ سهولتن جو مطالبو
عمرڪوٽ (رپورٽ: مدن گوپال) عالمي صحافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ پاران هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي صحافين، دانشورن، وڪيلن، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کان پوءِ صحافين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو، جنهن ۾ پيڪا ايڪٽ سميت اظهارِ راءِ جي آزادي تي لڳايل پابندين خلاف آواز بلند ڪيو ويو،
تفصيل موجب پريس ڪلب هال ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، چيئرمين مينيجمينٽ ڪميٽي رسول بخش رحيمداڻي، سرپرستِ اعليٰ حاجي گل حسن آريسر، وڪيل گل منير وَلھاري ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي چيو ته صحافت کي دٻائڻ لاءِ ماضي ۾ به هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا ۽ اڄ به پيڪا ايڪٽ جهڙن قانونن ذريعي اهو سلسلو جاري آهي،
هنن چيو ته جنرل ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ صحافين تي ڪوڙا ڪيس، گرفتارين ۽ اڃان تائين قتل جون وارداتون جاري آھن پر صحافين هميشه سچ ۽ حق جو جهنڊو بلند رکيو آھي، مقررين چيو ته اڄ ٻيهر صحافت جي آزادي تي حملو ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو،
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صحافين کي صحت ڪارڊ، لائيف انشورنس، ٻارن لاءِ مفت تعليم، شادين ۾ مالي امداد، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا ۽ ملڪي و غير ملڪي مطالعاتي دورن لاءِ خاص فنڊ ڏنا وڃن، احتجاجي مظاهري ۾ صحافين سان گڏ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي عمران شاهه، امين ميمڻ، الياس ٿري، مدن گوپال، اسلم مهر، ولي محمد مهر، هرچند ساگر، غلام مصطفيٰ مهر، سجاد علي شيخ، وقاص يوسفزئي، سورج ڪمار مالهي، سوائي مل رکيسر ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پيڪا ايڪٽ جهڙا اظهارِ راءِ جي آزادي جي خلاف قانون فوراً واپس ورتا وڃن، نه ته صحافي برادري ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي،
ان کان پوءِ صحافين پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان زوردار احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي صحافت جي آزادي جي حق ۾ ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف فلڪ شگاف نعرا لڳايا ويا، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاج ڪيو جن تي لکيل هو، پيڪا ايڪٽ نامنظور، سچ لکڻ ڏوھ ناهي جا نعرا ھنیا ویا، صحافت تي پابنديءَ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي،
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نه رڳو اظهارِ راءِ جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي، پر صحافين لاءِ صحت، انشورنس، ٻارن جي تعليم، شادين ۾ مالي امداد، سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا ۽ بين الاقوامي مطالعاتي دورن لاءِ فلاحياتي قدم فوراً لاڳو ڪيا وڃن.
مَي 3, 2025