ڇور: پاڪ فوج سان يڪجھتي جي اظهار طور نيوڇور اسڪول کان کوکراپار روڊ تائين وڏي ريلي، شاگردن ۽ استادن پاران پاڪستان زنده آباد جا نعرا
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول و ڪاليج نيوڇور جي پرنسپال فقير محمد خاصخيلي جي صدارت ھيٺ پاڪ فوج سان اظھار يڪجھتي طور تي ھائير سيڪنڊري اسڪول نيوڇور کان مين نيشنل ھائي ويز روڊ کوکراپار تائين ھڪ وڏي واڪ ريلي ڪڍي ويئي،
ان موقعي تي واڪ ريلي ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول نيوڇور جي استادن مراد منگريو، محمد يوسف سومرو، محمد امين سومرو، محمد ھاشم سومرو، دريندر سنگھ سوڍو سميت ٻين استادن توڙي اسڪول جي سوين شاگردن شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن توڙي استادن پاران پاڪستاني فوج سان اظھار يڪجھتي ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج زندہ باد پاڪستان زنده آباد جا زوردار نعرا ھنيا ويا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پرنسپال ھائير سيڪنڊري اسڪول نيوڇور فقير محمد خاصخيلي چيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آھيون ۽ پاڪستاني فوج سان ھميشه گڏ آيون،
ھن چيو ته ھندستان جيڪا پھلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان تي الزام مڙھي رھيو آھي ۽ جيڪا سازشون ڪري رھيو آھي، ان جو پاڪستاني فوج ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آھي، ھن چيو ته اھا تاريخ رھي آھي ته جڏھن بہ ھندستان ۾ ڪا دھشتگردي واقعو ٿيندو آھي ته اھو پاڪستان تي بي بنياد الزام ھڻي ٿو
جنھن جو پاڪستاني فوج ھميشه دفاع ڪري ڀرپور جواب ڏنو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي قوم پاڪ فوج سان اظھار يڪجھتي توڙي تي گڏ آھي، ان موقعي تي پاڪستاني فوج سان اظھار يڪجھتي طور تي اسڪول جي شاگردن پاران پڻ تقريرون ڪري پاڪستان زنده آباد جا زوردار نعرا پڻ هنيا ويا.
مَي 3, 2025