سکر: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي سکر آمد – اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد علي شاھ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي جي سکر آمد اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد علي شاھ جي رھائشگاھ تي سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاھ، مڪيش ڪمار چاولا، امداد پتافي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا۔خبر موجب وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏجي اڄ سکر پھچي اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد علي شاھ جي رھائشگاھ تي سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ, توانائي جو صوبائي وزير سنڌ سيد ناصر حسين شاھ , صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن نارڪوٽڪس ڪنٽرول مڪيش چاولا ۽ امداد پتافي ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل, ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سميت ٻيا پيپلز پارٽي جا اعلي عهديدار ۽ ميمبر پڻ موجود ھئا .
مَي 3, 2025