ڪئنالن خلاف جدوجھد سان ھڪ قدم اڳتي وڌياسين

Spread the love

نصير ميمڻ

ڪئنالن جي تڪرار تي مهينن جي ڇڪ ڇڪان  کانپوءِ، وفاقي حڪومت نيٺ ھي ڏکيو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ذريعي حل ڪيو. سڀني صوبن جي اتفاق راءِ سان هڪ اسڪيم تيار ڪندي نون ڪينالن ۽ پاڻي جي دستيابي جي سواليه سرٽيفڪيٽن جي ڳنڀير مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي.هي اڳڀرائي سنڌ پنجاب کي ملائيندڙ رستن جي ڪافي ڏينهن بند رهڻ کان پوءِ سامھون آئي آهي. لک ساڙيندڙ گرمي ۾ ھزارين ماڻھن،ھنج تي کنيل ٻارن سان عورتن ۽ نوجوانن ھن  تڪراري  ڪئنالن خلاف پنهنجي دانھن ڪرڻ لاءِ  گڏ ٿيا. سکر ۽ ڪشمور جي ويجهو وڪيلن جي اڳواڻي ۾ ڌرڻن اتر ۽ ڏکڻ ۾ سپلاءِ جي  عمل کي  روڪي ڇڏيو،ان سپلاءِ جي ڏانهن رڪجڻ سبب  ھڪ  بحران پيدا ٿي ويو. انهيءَ ڪري ئي اختيارين کي تڙ تڪڙ ۾ ڊگهي عرصي کان التوا ۾ پيل  سي سي آءِ اجلاس کي طلب ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جيڪواڳ ۾  2 مئي تي هڪ دوستاڻي حل ڳولڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.

آئين جي آرٽيڪل 155 ۾ سي سي آءِ کي وفاقي يونٽن جي پاڻي سان لاڳاپيل مفادن جي حفاظت جو اختيار ڏنو ويو آهي. چولستان فيڊر ڪينال، چوبارا ڪينال ۽ جلال پور ڪينال کي چئلينج ڪندڙ سنڌ جي سمري ڪائونسل جي ڊگهي دير ڪيل اجلاس جي انتظار ۾ هئي. آئين ۾ هر ٽن مھينن کان پوءِ باقاعدي ڪائونسل جي اجلاس کي لازمي قرار ڏنل آهي . پر گذريل  15 مھينن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ھڪ بھ  اجلاس نه سڏايو ويو. سنڌ وفاقي حڪومت کي منٿون ڪندي رهي، پر سنڌ جا اھي آواز اسلام آباد جي ٻوڙن ڪنن تي نھ پيا. هن اهم فورم جون باقاعدي گڏجاڻيون يقيني طور تي ان  تعطل کي ٽاري پي سگهيون، جيڪو تڪڙو ھڪ  باهه جي گولي ۾ تبديل ٿي ويو.

انڊس رور سسٽم اٿارٽي ۽ سي سي آءِ ٻه اهم فورم آهن جيڪي گهريلو اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ پاڻي سان لاڳاپيل تڪرارن کي اڳواٽ حل ڪرڻ يا بعد ۾ جنم وٺندڙ تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي آهن. ڪيترن سالن کان، اهي فورم ناڪارھ  ادارن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. انهن جي جوڙجڪ، ڪمن ۽ فيصلي سازي جي عملن سان ڇڪتاڻ انهن جي ساک ۽ سگھ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ارسا جي ساک تڏهن خراب ٿي جڏهن ان چولستان ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ  جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ ميمبر جي مضبوط دليلن کي رد ڪيو ويو.

عجيب ڳالهه اها آهي ته ساڳي ئي ارسا ٻن ڏهاڪن کان 1991 جي پاڻي جي حصي واري  ٺاھ، موجب پاڻي جي مقرر  حصي کان انڪار ڪري رهي آھي۽ دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ کي سبب قرار ڏئي رهي ھئي. تنھن وري  اوچتو هڪ نئين رٿا لاءِ اضافي پاڻي ڳولي يا دريافت ڪري ورتو. جنهن جو مقصد چولستان ريگستان ۾ٻارھن لک ايڪڙ جي وڏي ڪمانڊ ايريا کي سيراب ڪرڻ هو. ان کي وڌيڪ بدنامي کي تڏھن منھن ڏيڻو پيو، جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي ۾ اهو پڌرو  ٿيو ته ارسا جو ادارو 15 سالن کان ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آھي.

ارسا جو قانوني ڍانچو تقاضا ڪري ٿو تھ وفاقي جي ميمبر جي نمائيندگي سنڌ مان ھجي.، پر پنجاب ضابطن جي سرعام لتاڙ ڪئي آهي. تنهن ڪري عدالت چولستان اسڪيم لاءِ پاڻي جي دستيابي سرٽيفڪيٽ کي معطل ڪري ڇڏيو آھي. نه رڳو سنڌ کي وفاق ۾ نمائندگي جي قانوني حق کان محروم ڪيو ويو، پر اھو عھدو خاص طور تي پنجاب  اڪيلي سر پان وٽ ھٿ ۾ رکيو ويو ۽ ٻين صوبن کي پڻ ان کان محروم ڪيو ويو.هڪ اهم اڳڀرائي ۾ گڏيل مفادن جي ڪائونسل پاڻي سان لاڳاپيل فيصلي سازي جي حساسيت کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي وفاقي ادارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ سان مشروط ڪري هڪ مثبت مثال قائم ڪيو آهي.

جيڪڏهن اهو سياسي طور تي حل نه ڪيو وڃي ها، ته سي سي آءِ آرٽيڪل 154(4) استعمال ڪندي معاملن کي پيچيده ڪري پئي سگهي، جيڪو مسئلي بابت  فيصلي لاءِ اڪثريتي ووٽ وارو طريقو مھيا ڪري ٿو. جنھن تحت پنجاب مان کنيل چئن ميمبرن سميت  پنجين جو تعلق بھ مسلم ليگ (ن) سان تعلق آھي، ان ڪري اھڙي فريقي سان سنڌ کي شايد ڪنهن  مناسب نتيجي جي اميد نه هئي.ڪينالن بابت اھڙو ڪو بھ فيصلو  سياسي ڇڪتاڻ کي اڃان پڻ وڌائيندو، وفاق اھڙي سٽ سھي نٿو سگهي.

هڪ ڏاھپ واري قدم طور، ارسا ۽ رٿابندي ڪميشن پلاننگ ڪميشن ٻنهي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قومي هم آهنگي جي مفاد ۾. گڏيل اتفاق پيدا ٿيڻ تائين  سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو يقيني بڻائين ۽ سمورن خدشن کي حل ڪيو وڃي. اهو بين الصوبائي مفادن کي منظم ڪندڙ وفاقي ادارن لاءِ هڪ نئون روڊ ميپ قائم ڪندو ته جيئن تڪراري مسئلن جو فيصلو ‘ها’ ۽ ‘نه’ جي بدران اتفاق راءِ سان ڪري سگهجي. وفاقيت جي روح جي پائيداري لاءِ اتفاق راءِ جي تعمير جي هڪ محنت طلب عمل جي ضرورت آهي. 18 هين ترميم ۽ 7 هون اين ايف سي ايوارڊ هن فائديمند طريقي جو ثبوت آهن.

هڪ اهڙي انتشار واري بين الصوبائي صورتحال جي وچ ۾ جتي هندستان پاران سنڌو پاڻي معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪيو ويو آهي، اندروني هم آهنگي نئين اهميت اختيار ڪري وئي آهي. خاص طور تي قراقرم ۽ هندوڪش جي حدن مان پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي جي پريشان ڪندڙ رپورٽن کان پوءِ، جيڪي اسان جي دريائن کي ڀريندا آهن، اندروني تڪرارن کي مصالحتي طريقن سان حل ڪرڻ ضروري آهي. هي علائقو اڳ ۾ ئي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، خشڪ سالي جي خوفناڪ اڳڪٿي جي ڪري گليشيئر خطرناڪ رفتار سان غائب ٿي رهيا آهن. اهڙو اونداهو ماحول پاڻي ۽ زرعي محاذن تي نازڪ خود شناسي ۽ دانشمندانه ڪارروائي جي گھر ڪري ٿو.پاڻي بچائڻ  ئي اسان جي مستقبل جي ڪنجي آهي ۽ اسان کي  ھاڻي پنهنجي پاڻي جي قديم  انتظام ۽ زراعت جي پراڻن طريقن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو