ڀارت جو جارحاڻو رويو: چين کانپوءِ ترڪيه به پاڪستان جي حمايت ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين کان پوءِ ترڪيه به ڀارتي جارحاڻن بيانن تي پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ترڪ سفير علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت کي پاڪستان طرفان شفاف ۽ اڻ ڌري عالمي جاچ جي آڇ جو جواب ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن ترڪيه ان ۾ شامل ٿئي ٿو ته آجيان ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي معاشي بحالي ۽ ترقي تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيو آهي، ڀارتي قدم پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن کان ڌيان هٽائڻ جي سازش آهي.
سندس چوڻ هو ته ترڪيه جي پاڪستان لاءِ حمايت ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائيچاري وارن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي ڪارروائين باوجود پاڪستان جو ردعمل ذميوار رهيو آهي، پاڪستان سدائين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي.
ان موقعي تي ترڪ سفير چيو ته ترڪيه پاڪستان جي موقف جو حامي آهي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو