پاڪستان جو 450 ڪلو ميٽر جي رينج رکندڙ ”ابدالي“ ميزائل جو ڪامياب تجربو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان زمين کان زمين تائين هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائيندڙ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي عامه لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ”ابدالي“ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب ان تجربي جو مقصد آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنيڪي پهلوئن جي جاچ هئي، ابدالي ميزائل جي رينج 450 ڪلوميٽر آهي ۽ اهو جديد نيويگيشن سسٽم سان ليس آهي، آرمي اسٽرٽيجيڪ فورسز جي ڪمانڊر ان تربيتي لانچ جو مظاهرو ڪيو.
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سروسز چيفس ڪامياب ميزائل تجربو ڪندڙ انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف به ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪ ڏني.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو