ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال پيو ڪري، جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج جي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت برقرار رکڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ چيو ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خاص ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، خاص طور ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فورم ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي يا مهم جوئي جي صورت ۾ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ بابت پنهنجي اٽل عزم وريجايو.
ڪانفرنس دوران آرمي چيف پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن، ثابت قدم حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج پنهنجي عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل تيار آهي.
فورم خاص طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، خاص ڪري پهلگام واري واقعي کانپوءِ لائين آف ڪنٽرول تي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت جون اهڙيون بي سبب ۽ غير انساني ڪارروائيون خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجن ٿيون، جن جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو.
ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڀارتي فوج ۽ انٽيليجنس ادارن جي پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هجڻ بابت ترديد نه ڪرڻ جوڳن ثبوتن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
فورم چيو ته رياستي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ اهڙيون ڪارروائيون عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهن.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن زور ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجي سياسي ۽ فوجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو بحرانن جي رٿابندي ڪري ٿو، جيئن 2019ع ۾ والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي لاءِ پلوامه جو ڊرامو رچايو هو.
فورم موجب، ڀارت پهلگام جي واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان ججو ڌيان اولهه وارن ۽ معيشت جي بحالي واري جدوجهد تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ ڀارت جي طرفان سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائڻ واري رويي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ارادي تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي متاثر ٿيندي، پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ٿيندي.
فورم واضح ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ امن جو سفر ڪنهن به ڌمڪي، جبر يا پراڪسي جي مدد سان روڪيو نه ٿو سگهجي ۽ ڪنهن به جنگ مڙهڻ جي ڪوشش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير مُلڪ جي دفاع لاءِ ٿيندڙ آپريشنل تيارين، فارمِيشنز ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي حوصلي ۽ جذبي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو